ڪعبہ کان مسجد تائین ولات کان شھادت تائین

ڪعبہ کان مسجد تائین
ولات کان شھادت تائین
تحرير:ذيشان علي حيدري
نالو ء نسب: حضرت علی علیہ السلام بن ابیطالب بن عبدالمطلب بن ھاشم بن عبدمناف بن قضی بن کلاب ھاشمی قرشی آھن(۱)
والد: حضرت ابوطالب (ع) ھڪ سخي ء عادل عربن م انتھائی قابل احترام ھئا. ء رسول اللہ جا چاچا ء حامي، مددگار، قريش جي بزرگ شخصيتن منجھان ھئا.(۲)
والدہ: فاطمہ بنت اسدبن ھاشم بن عبدمناف آھن(۳)
ڪنيت: ابوالحسن، ابوالحسين، ابوالسبطين، ابوالريحانتين، ابوتراب ء ابوالآئمہ(۴)
القاب: امیرالمؤمنین، یعسوب الدین،حیدر،مرتضی، نفس الرسول،زوج البتول،امیرالبررۃ،قاتل الفجرۃ،قسیم الجنۃ والنار، صاحب اللواء،سیدالعرب،ڪشاف الڪرب، صديق الاڪبر،الفاروق(۵)

ڪجھ القابن جي تشريح
اميرالمؤمنين: امير المؤمنين جي معني مومنن جو حاڪم، اڳواڻ،رھبر آھي روايتن مطابق ھي لقب حضرت علي (ع) سان مخصوص آھي ھي لقب پيغمبر اڪرم (ص) جي زمانہ م ئی حضرت علی (ع) جی لاء استعمال ڪيو ويو ء ڪنھن ٻي جي لاء استعمال صحيح نہ آھي(۶)
یعسوب الدین: ھی لقب حضرت علی علیہ السلام جی القاب منجھان ھڪ لقب آھي جنھن جي معني وڏو بزرگ،مومنن جو سرپرست، مومنن جو قائد ء رھبر آھی،ھی لقب حضرت علی علیہ السلام کی پیغمبر اڪرم (ص) ڏنو ھئو، ء حضرت علی علیہ السلام مقام افتخار تی فرمائیندا ھئا (انا یعسوب الدین) آء یعسوب الدین آھیان،ابن ابی الحدید معتزلی شرح نھج البلاغہ م ھڪ حديث نقل ڪئی آھی جنھن نبی اڪرم (ص) جن فرمايو (ياعلي انت يعسوب الدين) اي علي توھان دين جا سردار ء حاڪم آھيو.(۷)
باب العلم
باب العلم يعني علم جو دروازو
رسول خدا (ص) جي مشھور حديث آھي جنھن م پاڻ سڳورن فرمايو آء علم جو شھر آھيان علي (ع) ان جو دروازو آھي
ھن حديث کي وڏن وڏن عالمن صحيح قرار ڏنو آھي ان منجھان محمدبن جرير طبري، حاڪم نيشاپوري،خطيب بغدادي ء جلال الدين پڻ ھن حديث حسن ء صحيح قرار ڏنو آھي علامہ اميني اھلسنت جي ۲۱ بزرگ عالمن جا نالا ڄاڻايا آھن جنھن ھن حديث کي صحيح قرار ڏنو آھی (۸)
حضرت علي عليہ السلام جو اعلم(عالم) ھجڻ تي اصحابن سڳورن جو اقرار
حضرت عمر (رض)جو فرمان
عمر سدائین خدا کان پناھ گھرندا ھئا تہ ڪا بہ علمي اھڙي مشڪل پيش نہ اچي جڏھن تہ ان کي حل ڪرڻ جي لاء علي نہ ھجي اگر علي نہ ھجي ھاتہ عمر ھلاڪ ٿي وڃي ھا(۹) 
حضرت عائشہ(رض)
حضرت عائشہ (رض) جو چوڻ آھي تہ ڄاڻي وٺو تہ علي بن ابيطالب سنت جا سب کان وڏا عالم آھن(۱۰)
جناب عبداللہ بن عباس(ع)
جناب ابن عباس فرمائیندا آھن خدا جو قسم علی علیہ السلام کي علم جی ڏھن درجن منجھان نون تي فائز ڪيو ويو ھو.باقي ھڪ حصي م بہ شريڪ ھئا(۱۱)
جناب عبداللہ بن مسعود
بیشڪ قرآن ست حروفن تي نازل ٿيو انھن ست حروفن منجھان ڪو اھڙو حرف نہ آھي جنھن ظاھر ء ڳجھ کي علي (ع) نہ ڄاڻندو ھجي.فرائض جی لحاظ کان اھل مدینہ جا عالم ترین فرد علی بن ابیطالب آھن(۱۲)
امیر شام معاویہ
امیرشام کی جڏھن اميرالمؤمنين علي عليہ السلام جي قتل جي خبر پھتی چوڻ لڳو ابوطالب جي پٽ جي موت سان گڏ علم ء فقہ پڻ ختم ٿي ويو(۱۳)
حضرت علي عليہ السلام جي امامت ء ولايت

ھن ڳالھ م ڪو بہ شڪ ئی نہ آھی جو ھن سلسلہ م پیغمبر خدا جون حدیثون ھن حقیقت جی وضاحت ء دلالت ڪن ٿيون تہ پاڻ سڳورن کي سڀ کان وڏو مسئلو سندن کان پوء امامت ء رھبری جو ھئو.(۱۴)
ھن سلسلہ م پاڻ سڳورن جي اقدامات جي ابتداء دعوت ذوالعشيرہ کا ٿيندي آھي جنھن م پاڻ سڳورن حضرت علي (ع) کي پاڻ کان پوء پنھنجو جانشين ء خليفہ جي طور تعارف ڪرايو ھئو.ایستائین جو پنھنجی آخری حج جی سفر جی واپسی تی ۱۸ ذی الحجہ غدیر خم جی مقام تی پالاڻن جي منمبر تي ہنھنجي جانشيني جو اعلان ڪيو (۱۵)
ء غدير خم جي مقام تي حضرت علي (ع) جي امامت ء ولايت جي حقيقت جون گواھ قرآن جي آيت تلبيغ ء آيت اڪمال آھن (۱۶)
غدير جو واقعو پيغمبر اڪرم(ص) جي زندگي جي آخري سال م پيش آيو ھيو. اتي تمام موجود اصحابن حضرت علي عليہ السلام کي سندس امامت ء ولايت جي عھدي تي فائز ٿيڻ مبارڪون پيش ڪيون.

اقوال ء آثار

حضرت علي عليہ السلام جي حيات مبارڪ عالم اسلام.جي لاء ھدايت آھي حضرت علي(ع) جا اقوال،فرمان لاتعداد ڪتابن م موجود آھن مگر نھج البلاغہ جيڪا خطبن، خطن، اقوال فرمان تي مشتمل موجود ھڪ شاھڪار ڪتاب آھي جنھن کي ست ھجري جي وڏي عالم علامہ سيد رضي رحمۃ اللہ عليہ گڏ (تاليف) ڪيو ھيو.نھج البلاغہ کي ٽن حصن م تقسيم ڪيو ويو آھي خطبات، خطوط، ڪلمات قصار جيڪي مولا علي عليہ السلام مختلف موقعن تي مختلف شخصیتن جی لاء بيان فرمايا ھئا. نھج البلاغہ م ۲۳۹ خطباء  ۷۸ خط ۴۸۰ ڪلمات قصار پڻ شامل آھن.نھج البلاغہ جون مشھور شرحون جيڪي مختلف زمانن م لکيون ويون آھن شرح ابن ميثم.بحراني، شرح ابن ابي الحديد معتزلي، شرح علامہ محمد تقي جعفري،شرح فخر رازي ھي خاص طور تي قابل ذڪر آھن (۱۷)
نھج البلاغہ جي لاء عيسائی عالم جو بیان

مسيحي ڊاڪٽر جارج جرداق 200ڀيرا نھج البلاغه پڙھيو آھي. 
ھو پاڻ چوي ٿو ڪنھن ڏينھن ھڪ ثقافتي فيسٽول ۾ ھڪ مسلمان دوست ھڪ ڪتاب مونکي تحفي ۾ ڏنو ۽ چيو : ھي ڪتاب اسان جي امامن منجھان ھڪ امام جو ڪلام  آھي
جارج چوي ٿو : مون ان کان سوال ڪيم ھي ڪتاب ڪھڙي دور جو آھي؟ 
منھنجي مسلمان دوست چيو : تقريبا  1400سال پهريان جو لکيل آھي
جارج جرداق چوي ٿو: پاڻ کي چيم 1400سال پهريان لکيل مطالب منھنجي ڪھڙي ڪم  ايندا ، ليڪن احترامي رسم نڀائيندي مسڪرائيندي ان کان ڪتاب ورتم ۽ گھر کڻي آيس. 
ھڪ ڏينھن ٿڪاوٽ ھوندي نھج البلاغه جا پنا اٿلائڻ لڳس  ھڪ مطلب منھنجي نظر مان گذريو جنھن ڏانھن منھنجو توجھ جلب ٿيو اھو ھي ته پوري ڪائنات ۽ ھن عالم جي موجودات جو ابتدائي مواد (مادو)  پاڻي آھي.
جارج جرداق چوي ٿو: کيس ڪا به اھميت نه ڏنم ۽ ڪتاب کي پاسي تي رکي ڇڏيم ۽ وري ان ڏانھن توجھ نه ڪيم. ايستائين جو ھڪ سال کان پوء ڪنھن بين الاقوامي سيمينار ۾ شريڪ ٿيس جتي دنيا جا دانشور پنھنجي نئين ۽ جديد علمي تحقيقات کي بيان ڪري رھيا ھيا 
 اتي ھڪ دانشور پنھنجي علمي مقالي ۾ ھن نڪتي کي بيان ڪيو ته
علمي جستجو مان واضح ٿئي ٿو  ھڙني (مادي) موجودات کي وجود بخشيندڙ مادو پاڻي آھي.
جارج جرداق چوي ٿو: ان ڳالھ کي ٻڌڻ سان مونکي نھج البلاغه جو اھو جملو ياد اچي ويو.
واپسي کان پوء فورا ان ڪتاب ڏانھن رجوع ڪيم ۽ ان ڪتاب کي پڙھڻ شروع ڪيم ۽ ڏاڍو افسوس ڪيم ته آخر ڇو ھن ڪتاب کان غافل ھئس...
ھر ڀيري جڏھن ھي ڪتاب پئي پڙھيم ته منھنجي لاء مختلف علمن ۾ ڪيتريون ئي لکڻيون، ايجادات۽ جديد افق آشڪار پئي ٿيا 
ھو پنھنجي عمر جي آخر تائين 200ڀيرا نھج البلاغه پڙھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو...
مسيحي ڊاڪٽر جارج جرداق پنھنجي ڪتاب جي جلد جي پويان ھن ريت لکيو آھي: 
اي علي! 
اگر چوان ٿو تون مسيح کان مٿاھون آھين 
ته منھنجو دين اھا ڳالھ قبول نٿو ڪري،
۽ اگر چوان ٿو ته ھو توکان مٿاھون آھي 
ته منھنجو ضمير قبول نٿو ڪري!
نٿو چوان ته تون خدا آھين... !!! 
بس تون پاڻ اسان کي ٻڌاء  اي علي : تون ڪير آھين؟!

ابن ملجم ملعون ڪير ھئو؟

عبدالرحمن بن عمرو بن ملجم مرادي، ابن ملجم مرادي جي نالي سان مشھور آھي جنگ نھروان جي خوارج منجھان ھئو. امام علی علیہ السلام جو قاتل ھئو. حضرت علی (ع) جی مقام خلافت تی فائز ٿيڻ کانپوء ابن ملجم حضرت علي جي بيعت ڪئی ھئی جنگ جمل م حضرت جي لشڪر م شامل ھيو.ليڪن صفين جي جنگ م حڪميت جي مسئلہ م خوارج سان ملحق ٿي ويو ھيو.جنگ نھروان م حضرت علي (ع) جي خلاف ٿي بيٺو ھو جنگ جي ختم ٿيڻ سان فرار جو رستو اختيار ڪيو ھئائین.

امیرالمؤمنین علیہ السلام کی شھید ڪرڻ جو مقصد
ابن ملجم کو امام علي عليہ السلام کي قتل ڪرڻ جو مقصد ڇا ھو؟ ھن جي باري مختلف سبب ڄاڻايا ويا آھن. ابن سعد ھن کي انتقام ذڪر ڪندي لکيو آھي جنگ نھروان م امام علي عليہ السلام جي ھٿان شڪست کان پوء اتان جان بچائی ڀڄڻ وارن منجھان ٽي ڄڻان عبدالحمن بن ملجم،  برڪ بن عبداللہ تميمي ء عمرو بن بڪير تميمي مڪہ مڪرمہ م وڃي گڏ ٿيا ھئا ڪافي بحث مباحثہ کانپوء ھن نتيجہ تي پھتا تہ ھڪ ئی مھل حضرت علی، معاویہ، عمرو بن عاص کی قتل ڪيو وڃي.ابن ملجم حضرت علي عليہ السلام کي قتل ڪرڻ جي زمينداري قبول ڪئی. انھی کی پورو ڪرڻ جي لاء ڪوفي م اچي پنھنجي خارجي ساٿين سان ملاقات اچي ڪئی.ان عرصی م ھن جی ملاقات شنجنۃ بن عدی جی ڌي قطامہ سان ٿي پھرين نظر م ھن جو عاشق ٿي ويو.قطامہ جي طرف شادي جو پيغام موڪليائین.قطامہ جو پئ ء ڀائر جنگ نھروان م.مارجی ویا ھئا. ابن ملجم جی ھن آڇ کي قبول ڪندي ھڪ شرط رکائین تہ حضرت علی علیہ السلام کی قتل ڪيو وڃي.(۱۸)

ابن ملجم تي فرشتن جي لعنت
امام صادق عليہ السلام فرمائن ٿا جڏھن ابن ملجم امام علي عليہ السلام جي سرمبارڪ تي تلوار جو وار ڪيو حضرت جو سر زخمي ٿيو.اھو سرمبارڪ واري زخم جي صورت  فرشتن وٽ موجود آھي جڏھن بہ ان کي ڏسندا آھن تہ صبح ء شام ابن ملجم تي لعنت ڪندا رھندا آھن ھي فرشتن جو عمل قيامت تائین جاری رھندو.(۱۹)
رسولخدا (ص) فرمایو یاعلی مون کان پوء منھنجی امت توھان سان غداری ڪندي.
ھڪ ڀيرو رسول اڪرم(ص) حضرت علي(ع) کي سڏ ڪري فرمايو ياعلي پھرين امتن منجھان سب کان وڌيڪ بدبخت ماڻھو ڪير ھو؟؟ امام علی (ع) عرض ڪيو سب کان وڌيڪ مفسد، بدبخت قدار نالي ھڪ شخص ھئو.ثمود جی قوم مان ھیو جنھن حضرت صالح (ع) جی ڏاچي جون ٽنگون وڊيون ھيون. رسول خدا فرمايو ھن امت م سڀ کان وڏو بدبخت ڪير ھوندو؟ حضرت علي (ع) عرض ڪيو اللہ ء ان جو رسول بھتر ڄاڻيندا آھن. پاڻ سڳورن فرمايو ھن امت م سڀ کان وڏو بدبخت اھو ھوندو اي علي جيڪو توھان کي قتل ڪندو.(۲۰)

شھادت حضرت علی علیہ السلام

امام علی علیہ السلام ۱۹ رمضان المبارڪ فجر جي وقت مسجد ڪوفہ م سجدہ جي حالت م ابن ملجم مرادي جي تلوار سان زخمي ٿيا ء ٻن ڏينھن کانپوء ۲۱ رمضان المبارڪ جي ڏينھن شھيد ٿي ويا ء مخفي طور تي دفن ڪيا ويا
اميرالمؤمنين جي فرزندن امام حسن،امام حسين ء محمدبن حنفيہ ء سندن سوٽ عبداللہ بن جعفر جي تعاون سان رات جي وقت غريين(موجودہ نجف) جي مقام تہ سپرد خاڪ ڪيو ويو(۲۰)
ڇو جو بنواميہ ء خوارج کي اگر مولا علي عليہ السلا جي قبر مبارڪ جي خبر پئجی وڃي ھا تہ قبر کي کولي بہ جسد جي بحرمتي ڪن ھا(۲۱)
۱۳۵ ھجري امام صادق عليہ السلام جي زمانہ م امام علي عليہ السلام جي قبر کي ظاھر ڪيو ويو.(۲۲)
امير المؤمنين علي عليہ السلام کان اھڙيون بہ روايتون نقل ٿيون آھن جنھن م پاڻ پنھنجن فرزندن کي پنھنجي غسل،ڪفن ء دفن جي باري م ھدايتون ڪيون آھن (۲۳)
جڏھن مسجد جي محراب م ابن ملجم جي ھٿان زخمي ٿيا پاڻ پنھنجن فرزندن کي فرمايائون اگر ھن زخم جی سبب منھنجی شھادت ٿي وڃي تہ توھان ابن ملجم کي ھڪ ئی ضرب ھڻجؤ (۲۴)
(۱) مفید ، الارشاد،ج۱،  ص۱۵
(۲) ابن اثیر، اسدالغابہ،ج۱،ص۱۵۰
(۳) مفید،الارشاد،ج۱ ص۴ 
(۴) مرعشی نجفی،موسوعۃ الامامۃ، ج۶، ص۱۹۷
(۵) ابن شھرآشوب، مناقب،ج۳، ص۲۳۱
(۶) حرعاملی،وسائل شیعہ،ج۱۴ ص ۶۰۰ 
(۷) شرح نھج البلاغہ، ابن ابی الحدیدج۱۹، ص ۱۰۴
(۸) ترمذی،السنن، ج۵ ،ص۶۳۷
(۹)الاستعاب، ابن عبدالبر،ج۳، ص۳۹
(۱۰) الاستعاب،ابن عبدالبر ج۳، ص۴۶۲
(۱۱) الاستعاب،ابن عبدالبرج۳، ص۴۰
(۱۲) علامہ امینی،الغدیر،ج۳، ص۹۱
(۱۳) الاستعاب، ابن عبدالبر،ج۲، ص۲۶۳
(۱۴) برقی، المحاسن،ص۳۰ 
(۱۵) بخاری،ج۲،ص۶۶۳
(۱۶) سیوطی،درالمنثور،ج۳ ص۹۸
(۱۷) سنن،ترمذی،ج۵، ص۳۶۵
(۱۸) طبقات الڪبري،ج۳، ص۳۵
(۱۹) مجلسي،حيات القلوب،ص۲۸۲
(۲۰) المستدرک علي الصحيحين،حاکم نيشاپوري حديث ۴۷۳۰
(۲۱)(۲۲)(۲۳) مفيد،الاختصاص،



تاريخ : یکشنبه ۱۳۹۹/۰۴/۰۱ | 1:1 AM | نویسنده : زاھد حسین محمدی |