حضرت امام محمد باقر (علیہ السلام) جي پاڪيزه زندگي
امام محمد باقر (ع) جو والده محترمه حضرت ”ام عبدالله“ امام حسن (ع) جي نياڻي هئي. ان ڪحاظ کان امام محمد باقر (ع) اڪيلا امام آهن جيڪي ڏاڏاڻ ۽ ناناڻ طرفان علوي ۽ فاطمي آهن. يعني امام جا والد به امام هئا، امام جا ڏاڏا امام حسين (ع) به امام هئا، ۽ امام جا نانا امام حسن (ع) به امام هئا.
امام محمد باقر (ع) ذي الحجه سن 114 هجري ۾ شهيد ٿيا ۽ مديني جي مشهور قبرستان ”بقيع“ ۾ پنهنجي بابا ۽ نانا جي ڀرسان آرامي ٿيا. امام جي امامت جي مدت 18 سال هئي.
امام باقر (ع) جي لاء رسول الله جا سلام
جابر جيڪو رسول اڪرم (ص) جو وڏو صحابي ۽ اهل بيت سان خاص عقيدت رکندو هو، چوي ٿو: هڪ ڏينهن رسول اڪرم (ص) مونکي فرمايو: مونکان بعد منهنجي خاندان جو هڪ فرد ڏسندين جنهن جو نالو منهنجي نالي تي ۽ جنهنجي شڪل منهنجي صورت مطابق هوندي، هو علم جي دروازن کي ماڻهن لاء کوليندو.
ان ڳاله کي ڪيترائي سال گذري ويا، چوٿي امام جو زمانو آيو. هڪ ڏينهن جابر مديني جي گهٽين مان گذري رهيو هو جو سندس نظر امام محمد باقر تي پئي. جڏنهن غور ڪيائين ته رسول اڪرم (ص) جون ڏسيل نشانيون مڪمل طور تي ان ۾ پاتائين، سوال ڪيائين: اوهان جو نالو ڇا آهي.
امام فرمايو: منهنجو نالو محمد بن علي بن الحسين (ع) آهي.
جابر امام جي پيشاني تي بوسو ڏنو ۽ عرض ڪيائين: اوهانجو ڏاڏي پيغمبر منهنجي ذريعي اوهان لاء سلام موڪليا آهن.
جابر ان ڏينهن کان پوء رسول اڪرم جي زباني امام باقر (ع) جي ٻڌايل عظمت ڪري هر روز ٻه دفعا امام جي زيارت لاء ويندو هو. ۽ مسجد نبوي ۾ ويهي ڪري ماڻهن لاء رسول اڪرم جي اڳ ڪٿي بيان ڪندو هو.
امام جي علم جو هڪ نمونو
جڏنهن وقت جي حڪمران هشام بن عبدالملڪ امام کي دمشق گهرايو ۽ ان جو امام جي توهين ڪرڻ وارو منصوبو ناڪام ٿيو ته ظاهري طور تي لاڇار ٿي ڪري امام کي مديني وڄڻ جي اجازت ڏنائين. امام جڏنهن حڪومت جي محل مان نڪتا ته محل جي سامهون هڪ وڏو اجتماع ڏٺائون، پڇڻ تي خبر پئي ته هي ڪو عيسائين جو ساليانو جلسو آهي ۽ معمول مطابق ماڻهو انهي انتظار ۾ هئا ته وڏو پادري اچي، ۽ هو پنهنجون علمي مشڪلاتون حل ڪن. امام به انهن ماڻهن ۾ ملي ويا، ٿورو ئي وقت نه گذريو هو جو هڪ تمام پيرسن ۽ جهونو ماڻهو جلسي ۾ داخل ٿيو، ۽ تمام وڏي احترام سان ان کي صدر محفل تي جاء ڏني وئي. ويهي ڪري ان جڏنهن مجمعي تي نگاه ڪئي ته امام باقر جي نوراني چهري ان جي توجه پاڻ ڏي ڇڪي ورتي، ان امام کي مخاطب ٿي ڪري پڇيو:
اسان عيسائين مان آهين يا مسلمانن مان؟
مسلمانن مان.
مسلمانن جي دانشمندن مان آهين يا جاهلن مان؟
جاهلن مان نه آهيان.
مون کان سوال ڪندين يا مان تو کان سوال ڪريان؟
جيڪڏنهن چاهيو ته توهان سوال ڪريو.
ڪهڙي دليل جي ڪري توهان مسلمان دعوا ٿا ڪريو ته جنت وارا کاڌو ته کا.يندا پر ڪجه ڪڍندا ڪونه؟ ڇا ان ڳاله لاء توهان وٽ هن دنيا جو ڪو مثال يا نمونو آهي؟
جي ها، ان ڳاله جو وڏو نمونو ماء جي پيٽ وارو ٻار آهي جيڪو کائي ته ٿو پر ڪڍي ڪجه ڪونه ٿو.
عجيب توهان ته چيو مان دانشمند نه آهيان.
مون ائين چيو ته مان جاهل ڪونه آهيان.
هڪ سوال آهي.
جي ڪريو.
ڪهڙي دليل ڪري توهان جو نظريو آهي ته جنت جا ميوا گهٽ ڪو نه ٿيندا، ڀلي جيترا کاڌا وڄن پوء به پنهنجي حال تي باقي رهندا. ڇا ان لاء هن دنيا ۾ ڪو مثال يا نمونو آهي؟
جي ها، ان ڳاله جو وڏو نمونو ”باه“ آهي. توهان جيڪڏنهن هڪ ڏيئي مان هزار ڏيئا به ٻاريو ته پهريو ڏيئو پنهنجي جاء تي ٻرندو رهندو. ان کان ڪجه به گهٽ نه ٿيندو.
پادري وٽ جيڪي به مشڪل سوال هيا ان ڪيا. ۽ مطمئن ڪرڻ وارا جواب ورتائين ۽ نيٺ ٿڪي پيو. آخر ۾ ناراض ٿي ڪري چيائين: ماڻهن ايڏي وڏي دانشمند کي جنهن جو علم مون کان تمام گهڻو آهي، هتي آندو آهي. جيئن مون کي بي عزت ڪن. مسلمانن کي خبر هجڻ گهرجي ته انهن جا اڳواڻ اسان کان افضل ۽ وڏا عالم آهن. اهو چئي اتان اٿيو هليو ويو.
.: Weblog Themes By Pichak :.