روايت شريف ۾ آيو آھي
«إِنَّمَا الْأَعْمَالُ بِالنِّيَّاتِ»
بيشڪ عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.
(يعني جهڙي نيت، اهڙو اجر.)
اڄ اسان جي معاشري جو وڏو الميو اهو آهي ته گهڻا ماڻهو الله جي رضا کان وڌيڪ ماڻهن جي تعريف حاصل ڪرڻ لاءِ عمل ڪن ٿا. خواهش اها هوندي آهي ته دنيا ڏسي ته اسان ڪيترا نيڪ آهيون، ڪيترا وڏا ماڻهو آهيون، ايتري قدر جو ڪڏهن اها تمنا به هوندي آهي ته منهنجي جنازي ۾ گهڻا ماڻهو اچن ۽ منهنجو نالو مشهور ٿئي.
پر مؤمن جو مقصد ماڻهن جي تعريف نه، پر الله جي رضا هجڻ گهرجي. جيڪو عمل صرف الله لاءِ ڪيو ويندو، ان جو اجر به الله وٽ محفوظ هوندو.
قرآن مجيد ۾ الله تعالى فرمائي ٿو:
﴿وَلِلَّهِ الْعِزَّةُ وَلِرَسُولِهِ وَ لِلْمُؤْمِنِينَ﴾
عزت ته الله، سندس رسول ۽ مؤمنن لاءِ آهي. (سورة المنافقون: 8)
۽ رزق، دولت ۽ شهرت به الله جي هٿ ۾ آهي. الله تعالى فرمائي ٿو:
﴿وَأَنَّهُ هُوَ أَغْنَى وَأَقْنَى﴾
۽ بيشڪ اهوئي (الله) آهي جيڪو مالدار ڪري ٿو ۽ بي نياز بڻائي ٿو. (سورة النجم: 48)
تنهنڪري اچو ته پنهنجي نيتن کي خالص الله لاءِ ڪريون، ريا ۽ ڏيکاءَ کان بچون، ۽ قرآن مجيد کي سمجهي ان تي عمل ڪريون. جڏهن نيت سچي هوندي ته الله تعالى عزت به عطا ڪندو، رزق به ڏيندو ۽ آخرت ۾ بهترين اجر به نصيب فرمائيندو، ان شاء الله.
زاھد حسين محمدي مشھدي
مشھدي مقدس ايران
00989307831247
تاريخ : شنبه ۱۴۰۵/۰۴/۱۳ | 1:20 PM | نویسنده : زاھد حسین محمدی |